Federal Govt Jobs

 وفاقي کاتي ۾ ڪل آساميون 596

سنڌ لاءِ صرف 47 جن مان 27 نوڪريون پٽيوالن جون


اڄوڪي ڪاوش اخبار ۾ هڪ وفاقي اداري پاران اشتهار جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت اوپن ٽيسٽنگ سروس (OTS) ذريعي 596 نوڪرين لاءِ درخواستون گهرايون ويون آهن، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته 596 نوڪرين مان سنڌ واسين لاءِ صرف 47 مخصوص ڪيون ويون آهن جن مان پڻ 27 نوڪريون نائب قاصد جون آهن. اشتهار ۾ اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري گريڊ 16 جون 13 آساميون خالي آهن پر هڪ به سنڌ لاءِ ناهي، گريڊ 9 جونيئر ڪلرڪ جون 67جايون خالي آهن پر سنڌ لاءِ هڪ به ناهي، گريڊ 14 ڊيٽا انٽري آپريٽر جون 98 جايون خالي آهن ۽ سنڌ لاءِ صرف 11 رکيون ويون آهن.